ڌامراهي وارا دڙا

ڌامراهي وارا دڙا (ماڳ): هي دڙا چوٿين پنجين صدي عيسويءَ جي يادگار آهن. هي دڙا باڊهه ريلوي اسٽيشن جي اولهه- ڏکڻ ۾ ڇهن ميلن جي پنڌ تي ڳوٺ ڌامراهي، ضلعو لاڙڪاڻي آهي. هي دڙا گول صورت ۾ آهن. هتان کوٽائيءَ مان آڳاٽي طرز جون سِرون مليون آهن. اڪثر سرون ڪڍي ماڻهن گهرن ۾ ڪتب آڻي ڇڏيون آهن. ٽن چئن دڙن تي مشتمل هي ماڳ آڳاٽي تاريخ جو ورثو معلوم ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو